سنڌ جو اگني ڪنڊ

سنڌ جو اگني ڪنڊ

سنڌ جو اگني ڪنڊ

سنڌ جو اگني ڪنڊ (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ سنڌ جون اٺ تاريخي ڪهاڻيون شامل آهن، ڪتاب جو ليکڪ دوارڪا پرساد شرما آهي. هن ڪتاب ۾ برهمڻ دؤر ۾ ڌارين حملي آورن جي ويساهه گهاتين جو ذڪر ٿيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1946ع ۾ تاج محل اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس، شاهي بازارحيدرآباد مان مصنف ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز، پڪي جلد ۽ 136 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 1.80 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو